طارق سورة

طارق (سورة): ٽيهين سيپاري ۾ موجود قرآن مجيد جي 86هين سورة، جنهن ۾ هڪ رڪوع ۽ 17 آيتون آهن. شروعاتي دور ۾ مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن سورة ۾ ٻه ڳالهيون بيان ٿيل آهن. هڪ ته انسان کي مرڻ کان پوءِ الله تعاليٰ جي سامهون حاضر ٿيڻو آهي، ٻيو قرآن مجيد فيصلي ڪرڻ وارو قول آهي، جنهن کي ڪافرن جي ڪا به چال نقصان پهچائي نه ٿي سگهي. شروعاتي آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن دنيا جي ڪا به شيءِ اهڙي ناهي، جنهن جي نگهباني هڪ عليم ۽ خيبر هستي نه ڪري رهي هجي. اڳتي ٻڌايل آهي ته انسان جي اصلي حقيقت ڇا آهي، اهو ڪهڙيءَ طرح گندي پاڻيءَ جي هڪ خسيس قطري مان پيدا ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ڇا جيڪو هڪ خسيس شيءِ مان انسان کي ٺاهي سگهي ٿو، سو ان کي ٻيهر جيئرو ڪري نه ٿو سگهي؟ (يقيناً ڪري سگهي ٿو). آخر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جهڙيءَ ريت مينهن جو وسڻ ۽ وڻن ٽڻن وغيره جو زمين مان ڄمڻ ڪا راند ناهي، تهڙيءَ ريت قرآن مجيد جيڪي ڳالهيون سامهون آڻي رهيو آهي، اهي اَٽل آهن. ڪافر جنهن غلط سوچ ۾ ورتل آهن ته اهي پنهنجي حرڪتن ۽ چالن سان قرآن مجيد جي دعوت کي روڪي ڇڏيندا ۽ ان کي نقصان پهچائيندا ته اها انهن جي خام خيالي آهي. اهي پنهنجي چالاڪين سان قرآن مجيد کي ڪو به نقصان پهچائي نه ٿا سگهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو